شفيع اوڪاڙوي مولانا

شـفـيـع اوڪـاڙوي، مـولانا: مـولانا محـمد شـفـيـع اوڪـاڙوي، 2 فيبروري 1930ع تي کيم ڪرن، اڀرندي پنجاب، هندستان ۾ حاجي شيخ ڪرم الاهيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مقامي واپاري هو. هن ننڍي ڄمار ۾ قرآن پاڪ جي حفظ سان گڏ مڊل تائين اسڪولي تعليم حاصل ڪئي. مولانا صاحب ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي، کيس 11 ٻارن جو اولاد ٿيو، جن ۾ پنج پٽ ۽ ڇهه نياڻيون هيون. سندس ٻه ٻار ننڍپڻ ۾ گذاري ويا. 1947ع ۾ پاڻ هجرت ڪري پنجاب جي شهر اوڪاڙه ۾ وڃي رهيو، جتي سندس والد 1950ع ۾ غوثيه نالي مسجد ٺهرائي، انهيءَ ئي سال مولانا شفيع اوڪاڙويءَ ساڳيءَ مسجد ۾ خطبو ڏيڻ شروع ڪيو. کيس جامع مسجد مهاجرين ساهيوال ۾ خطيب (موجوده ستلج ڪاٽن ملز هاءِ اسڪول) مقرر ڪيو ويو. ترت ئي کيس اوڪاڙه جي برلا هاءِ اسڪول ۾ به مذهبي تعليم لاءِ هيڊ مقرر ڪيو ويو. 1952ع کان 1953ع تائين احمدين جي نظريي خلاف قائم ڪيل تنظيم ‘تحريڪ تحفظ ختم نبوت ’ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1954ع ۾ اوڪاڙه جي مکيه ٽرنڪ روڊ تي جامعه حنفيه اشرف المدارس جو بنياد رکيائين، جنهن جو سرپرست ۽ خطيب پڻ رهيو. 1955ع ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي اچي ليلة القدر جي رات جامع مسجد آرام باغ، ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيائين ۽ ساڳئي سال ميمڻ مسجد جو خطيب ۽ امام مقرر ٿيڻ سان گڏ جماعت اهلسنت جو بنياد وجهي پاڻ ان جو پهريون سربراهه مقرر ٿيو.
هن بين الاقوامي سطح تي وچ اوڀر، هندستان، فلسطين، ڏکڻ آفريقا، گڏيل عرب امارات، موريشس ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جو دورو ڪيو. پاڻ ڪمال جو مقرر هو، جنهنڪري 1980ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ سندس تقريرن جون لڳ ڀڳ هڪ لک ڪيسٽون وڪاميون. 1962ع ۾ هن بغداد، شام، ڪربلا، بيروت ۽ جده جا دورا ڪري اهم مذهبي شخصيتن جي مقبرن ۽ مسجدن جي زيارت ڪئي. 1976ع ڌاري ڏکڻ آفريڪا ۾ هن ‘انجمن اهلسنت و الجماعت’ جو بنياد وڌو. کيس سورنهن ڀيرا ڪعبةالله شريف جي زيارت ۽ حج جي سعادت حاصل ٿي.
کيس، احمدي مسلڪ جي شهرين کي ستائڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار پڻ ڪيو ويو، جنهن ڪري 10 مهينا قيد ۾ رهيو. 16 آڪٽوبر 1962ع تي کڏا مارڪيٽ، ڪراچي ۾ خطبي دوران مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ سخت زخمي پڻ ٿيو. کيس دل جي تڪليف ٿي پئي، 24 اپريل 1984ع تي دل جو ٽيون ۽ شديد دورو پوڻ سبب پنجونجاهه سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. 23 مارچ 1985ع تي کيس مذهبي خدمتن عيوض تنهن وقت جي صدر جنرل ضياءَالحق طرفان ستاره-امتياز سان نوازيو ويو. سندس هڪ فرزند علامه ڪوڪب نوراني اوڪاڙوي پڻ ناليوارو عالم آهي.
مولانا شفيع اوڪاڙوي جون ڪيتريون ئي تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن، جن ۾: ذڪر جميل، نغمه حبيب صلعم،انگوٺي چومني ڪا مسئله، ذڪر حسين (ٻه حصا)، درس توحيد، مسلمان خاتون، راه عقيدت، برڪات ميلاد، اخلاق و اعمال، راه حق، ثواب العبادات، مقالات اوڪاڙوي، نماز مترجم، مسئله سياه خضاب، ميلاد شفيع، امام پاڪ اور يزيد پليد، مسئله طلاق ثلاثه،جهاد و قتال، شام ڪربلا، انوار رسالت، جهگڙي ڪا خاتمه، سفينه نوح (ٻه حصا)، تعارف علماءِ ديوبند ۽ نجوم الهدايت وغيره مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.02.02  عيسوي

مـولانا محـمد شـفـيـع اوڪـاڙوي، 2 فيبروري 1930ع تي کيم ڪرن، اڀرندي پنجاب، هندستان ۾ حاجي شيخ ڪرم الاهيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


1984.04.24  عيسوي

مـولانا محـمد شـفـيـع اوڪـاڙوي 24 اپريل 1984ع تي دل جو ٽيون ۽ شديد دورو پوڻ سبب پنجونجاهه سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


1985.03.23  عيسوي

مـولانا محـمد شـفـيـع اوڪـاڙوي کي 23 مارچ 1985ع تي کيس مذهبي خدمتن عيوض تنهن وقت جي صدر جنرل ضياءَالحق طرفان ستاره-امتياز سان نوازيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دهشلا راڻي
ڏيڌڙو روشن علي
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
روگزانه
شيخ عمر شهاب الدين سهروردي
جنيد احمد سومرو
بابا فريد مسعود گنج شڪر
ارشد محمود
ڀرٽ عبدالحق
جتوئي ارشاد ساگر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون